عبدالقادر ملڪاڻي

عبدالقادر ملڪاڻي

عبدالقادر ملڪاڻي

عبدالقادر ملڪاڻي: والي بال راند جي حوالي سان مقبوليت ماڻيندڙ عبدالقادر عرف ماما ملڪاڻيءَ جو تعلق ضلعي دادوءَ سان آهي. کيس ننڍپڻ کان ئي هن کي راند جو شوق رهيو. 1975ع ۾ باقاعدي راند جي شروعات ڪيائين. دادوءَ جي مختلف ٽيمن ۾ کيڏڻ کانپوءِ ٻين رانديگر ساٿين سان گڏجي ‘شاهين ڪلب’ جو بنياد رکيائين. 1962ع تائين شاهين ڪلب ۾ کيڏيو، جنهن بعد قربان ڪلب ۾ شامل ٿيو. قربان ڪلب جي پليٽ فارم تان ڪيترائي ٽورنامينٽ ڪرايائين، جنهن ۾ آل پاڪستان ٽورنامينٽ پڻ ٿيا. قربان ڪلب جي ساٿين هن جي محنت ۽ جذبي کي ڏسي ڪلب جو تاحيات جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو. هن جي محنت سبب قربان ڪلب سڄي سنڌ جي شهرن مان ڪيترائي ٽورنامينٽ کٽي اعزاز ماڻيا. هن قربان ڪلب کي سڄي ملڪ ۾ مقبول ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس زير اثر ڪيترائي نوجوان والي بال جي راند ۾ اڳتي نڪري سندن توڙي ڪلب جو نالو روشن ڪندا رهيا آهن. پاڻ والي بال راند کي مڃتا ڏيارڻ لاءِ دادو ضلعي ايسوسيئيشن جو سيڪريٽري ۽ حيدرآباد ڊويزن جو 2000ع ۾ سينيئر نائب صدر پڻ رهيو. هن وقت آبپاشي کاتي جي ملازمت سان گڏ والي بال راند تان پڻ رٽائر ٿي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو